اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي ما?? هوا نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪجهه سياسي يتيم لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن، مخالف ڌر هڪ دردناڪ واقعي کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، ??زي??اعظم عمران خان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حڪم جاري ڪيا آهن ته هو واقعي جي ذميدارن جو پتو لڳائين ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر مڇ واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پوري ق??م ڄاڻي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جا سياسي يتيم ڪنهن جي لاءِ اتي ويا آهن،عوام پي ڊي ايم ۽ ان جي بياني کي رد ڪري چڪي آهي، اهي ماڻهو لاشن تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ان کان اڳ بلوچستان ۾ 7 فوجي اهلڪار شهيد ٿيا، ان تي مخالف ڌر اڳواڻن ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، ماڊل ٽائون واقعي ۾ مريم نواز جو چاچو ملوث هو، ان وقت سندس والد نواز شريف ملڪ جو ??زي??اعظم هو پر ماڊل ٽائون جي واقعي دوران کيس متاثرين جي ياد نه آئي، هاڻي اهي پنهنجو ??ياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هزاره برادري سان همدردي جو ??ظهار ۽ انهن جي لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن.