ا??لا?? آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان معصوم ۽ هٿين خالي فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي تدارڪ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو جن ٻن هفتن کان بهادري سان اسرائيلي قابض فوج جي بنا اشتعال بمباري ۽ گولاباري کي مسلسل منهن ڏنو. وزيراعظم جي اپيل تي سڄي ملڪ ۾ ملهايل فلسطين سان يڪجهتي واري ڏينهن جي موقعي تي غير ملڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ پاڪستان موثر انداز ۾ هڪ مضبوط موقف اختيار ڪيو، دوست ملڪن جي حمايت حاصل ڪئي ۽ فلسطينن جي حالت تي حقيقي جذبن جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ان ڪوششن جا گهربل نتيجا حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سيز فائز جي صورت ۾ سامهون آيا آهن، جيڪي فلسطين جي عوام جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ ان جي دوست ملڪن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، هن چيو ته اسرائيلي فوج جي جارحيت تي پاڪستان جو رد عمل واضح هو جيڪو فوري طور تي عالمي برادري تي پهتو، جنهن ۾ زو?? ڏنو ??يو ته فلسطينن جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي، ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ۾ ا??لا??ي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي، سعودي فرمانروا ۽ فلسطين ۽ ترڪي جي صدرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به فلسطين جي صورتحال تي سعودي عرب، مصر، فلسطين، ترڪي، افغانستان، چين، آمريڪا ۽ سوڊان جي پنهنجي هم منصبن سان رابطو ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ فلسطين جو معاملو پيش ڪيو جنهن ۾ اسرائيل جي وحشياڻن حملن ۽ منظوم ڏوهن جي مذمت لاءِ سخت بيان جاري ڪيو، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي اسرائيلي بربريت جي خلاف هڪ متفقه قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ فلسطينن جي ڪاز ۽ ان جي عوام جي جدوجهد جي حمايت جو اظهار ڪيو، هن چيو ته معصوم فلسطينن تي اسرائيلي جارحيت ۽ خاص طور تي رمضان دوران دنيا ۾ مسلمانن جي مقدس مقام مسجد الاقصيٰ جو گهيراءُ انتهائي مذمت جوڳو آهي، هن چيو ته اسرائيل پاران فلسطيني ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪرڻ تي افسوس آهي، هن چيو ته اهڙا حملا انساني قدرن، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف آهن.