اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي حصو آهي، چونڊ سڌارن جي عمل ۾ مخالف ڌر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي لاءِ سڄي ٽيڪنالاجي مڪمل آهي، انشاءُ الله 2023ع جون عام چونڊون ان نئين ميڪنزم تحت ٿينديون جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو، ريلوي حادثو انتهائي افسوسناڪ آهي، سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، ماضي ۾ ريلوي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ جي ڪري ٽريڪ خراب حالت ۾ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز، ??زي??اعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار داڪٽر بابر ??عواڻ، احتساب وارو صلاحڪار شهزاد اڪبر ??ه موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? ريل حادثي جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 7 جون جي صبح ڏهرڪي ۽ ريتي جي مقام تي ملت ايڪسپريس جون بوگيون پٽڙي تان لهڻ کانپوءِ ملت ايڪسپريس ۽ سر سيد ايڪسپريس جي وچ ۾ ٽڪر ٿيو، هن ٻڌايو ته 3 لڳي 43 منٽن تي سکر ڪنٽرول روم کي اطلاع مليو ته ملت ايڪسپريس ڄاڻايل هنڌ تي ڊي ريل ٿي وئي آهي، ان کانپوءِ سر سيد ايڪسپريس به انهي وقت 3 لڳي 38 منٽن تي متاثر بوگين سان ٽڪرائجي وئي، هن چيو ته حادثي جي نتيجي ۾ ملت ايڪسپريس جو 6 بوگيون ڊي ريل ٿيون ۽ 5 بوگيون ڪلٽي ٿيون، سر سيد ايڪسپريس جون 2 بوگيون ڊي ريل ٿيون ۽ 3 بوگيون ڪلٽي ٿيون، هن چيو ته ڊ?? ايس، ڊپٽي ڊ?? ايس، ڊي سي او، ڊ?? ايم اي ۽ اي ٽي او ح??دثي واري جاءِ تي پهچي ويا هئا، ريلوي واري وفاقي ??زي?? خصوصي جهاز جي ذريعي صبح نائين وڳي حادثي واري جاءِ تي پهتو، 31 ماڻهو ح??دثي ۾ فوت ٿيا ۽ سئو کان وڌيڪ زخمي آهن، هن چيو ته سڄي قوم متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر ??ي شريڪ آهي.