اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سي??يٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ پارلياماني رابطن، واپار?? تعاون ۽ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اي??ان خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواب ج?? تعبير لاءِ ڪوشان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙائي ٻه طرف?? تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مستحڪم بنياد فراهم ڪري ٿي، سي??يٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار اي??ان جي سفير سيد محمد علي حسيني سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سي??يٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح ت?? تعاون ??اک??ڻ جوڳو آهي ۽ پاڪستان اي??ان سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ اسان جي خواهش آهي ته انهن لاڳاپن کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي سطح تي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي. سي??يٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ اي??ان سدائين هڪٻئي سان عالمي فورمن ت?? تعاون ڪيو آهي ۽ مختلف مسئلن تي هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، هن دفاعي سطح ت?? تعاون کي به مثالي قرار ڏنو آهي، اي??ان جي سفير سي??يٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرف?? تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملاقات ۾ مڪران ڊويزن ۽ خاص طور تي گوادر کي اي??ان پاران بجلي جي فراهمي منقطع ٿيڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو. سي??يٽ چيئرمين اي??ان جي حڪومت کي گوادر ۽ مڪران ڊويزن جي بجلي بحال ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته بجلي جي بندش سان علائقي جي عوام کي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ بحالي سان عوام کي رليف مليو آهي، سينيٽر ڪهده بابر به ان سلسلي ۾ سي??يٽ چيئرمين ۽ اي??ان جي سفير ج?? تعاون جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته سي??يٽ چيئرمين جي ذاتي ڪوششن سان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي، سي??يٽ چيئرمين جي متوقع اي??ان جي دوري جي حوالي سان سفير سي??يٽ چيئرمين کي دوري جي رخن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. سي??يٽ چيئرمين چيو ته اي??ان دوست ملڪ آهي ۽ اي??ان جو دورو ٻطرف?? تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.