اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نواز شريف ضد ڇڏي ۽ واپس اچي پنهنجي سزا پوري ڪري، گذريل رات کان مسلم ليگ (ن) جي سموري قيادت جون ننڊون اڏامي ويون آهن، ڪامياب جوان پر??گر??م ملڪي معاشي ترقي ۽ روزگار جي فروغ جو سڀ کان وڏو پر??گر??م آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان مان سزا يافته نواز شريف جون اپيلون هتي رد ٿيون ۽ سزا بحال ٿي آهي، مدي خارج پاسپورٽ سان گڏ هو برطانيه ۾ ڀڳوڙو بڻجي ويٺل آهي، ملڪي دولت لُٽي ٻاهرين ملڪ محل بڻايا ويا، پاڪستان مان لُٽيل دولت م??ن ايون فيلڊ ۾ محلات ٺاهيا ويا، هاڻي هن ملڪ جي اميگريشن به ان کي لال جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته توهان جو داڻو پاڻي هتي ختم ٿي ويو آهي، گهڻيون ئي ڪافيون پيتون، پيزا کاڌا، هائيڊپارڪس جو سير ڪري ورتو، پولو ميچز ڏسي ورتيون، هن چيو ته نواز شريف کي پاڪستاني عدالتن ڪرپشن تي سزا ڏني آهي ۽ ٻين کي ڪوڙو هجڻ جو طعنو ڏيندڙن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته پي ايم ايل اين ته ڪوڙ ڳالهائڻ جا ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، چاهي اهو قطري خط جي ڳالهه هجي، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ کان وٺي ڪليبري فونٽ تائين ڪجهه به هجي انهن جي عادت بڻيل آهي، پليٽيليٽس جي جيڪا ڪهاڻي هتي هلي هئي اها به ختم ٿي وئي، ڊاڪٽر عدنان به واپس اچي ويو پر نواز شريف واپس نه آيو، هاڻي نواز شريف وٽ ڪو ٻيو چارو نه آهي ته هو واپس اچي، پنهنجي ضد کي ڇڏي ۽ پاڪست??ن اچي پنهنجي سزائن کي پورو ڪري، لُٽيل دولت واپس ڪري، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ معاشي بحالي ۽ پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ٺوس قدمن کنيا ته جيئن ملڪ ۾ معاشي ترقي ٿئي، ان حوالي سان حڪومت ڪامياب جوان پر??گر??م شروع ڪيو هو، ان پر??گر??م جي ذريعي آئيڊياز جي حامل بي وسيلا نوجوانن کي شفاف طريقي سان آسان قرض فراهم ڪيا ويا، ان موقعي تي صحافين جي سوالن جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صحافين جي ڪامياب جوان پر??گر??م ۾ شموليت يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم جاري آهن ۽ ان ڏس ۾ ميڪنزم تيار ڪيو پيو وڃي، ڪامياب جوان پر??گر??م جي شرطن تي پورو لهندڙ صحافين کي به پر??گر??م ۾ شامل ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڪامياب جوان پر??گر??م جي ڊيش بورڊ جاري ڪيو ويو.