اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ طرف گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل آءِ پي سي سي رپورٽ تي ايندڙ 10 سالن ۾ گرمي پد شديد وڌڻ جي ريڊ وارننگ جاري ڪري ڇ??ي آهي، ٻئي طرف وزيراعظم ع??ران خان وڻڪاري مهم جي پاڻ قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن لاهور اربن مياواڪي ۽ اڄ بلوچستان لسٻيله (مياڻي) مينگروز ۽ سڀاڻي لال سوهانرا بهاولپور ۾ ڊرون وڻڪاري ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم ع??ران خان موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان عالمي اڳواڻ بڻجي اڀريو آهي، عالمي ادارا به وزيراعظم ع??ران خا?? جي انهن ڪوششن جو اعتراف ڪري رهيا آهن.