اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صحت ڪارڊ جي فراهمي ??ي موجوده حڪومت جو ان??ها??ي اهم قد?? قرار ڏيندي چيو آهي ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي، ان منصوبي تي عملدرآمد ??ي موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي فراهيم بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، خيبرپختونخواهه جي صحت/ ناڻي واري وزير تيم??ر سليم جهڳڙا ۽ بين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ اتڪل 4 ڪروڙ صحت ڪارڊ ورهائڻ جو عمل 31 ڊسمبر کان شروع ڪري مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو، ان سهولت جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي ??ي موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم صحت ڪارڊ جي فراهمي ??ي موجوده حڪومت جو ان??ها??ي اهم قرار ڏيندي چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي. هن چيو ته معاشري ??ي ڪمزور طبقن تائين صحت جون معياري ??هولتون نه رڳو اسان جي ذميواري ??هي پر اسان جي ترجيحن جو به واضح مظهر آهي. هن چيو ته صحت ڪارڊ قد?? جي ڪري ??تي معاشري ??ي ڪمزور طبقن کي صحت جون معياري ??هولتون ملنديون اتي اسپتالن جي شعبي خاص طور تي نجي شعبي کي هٿي ملندي. وزيراعظم صحت وارن وزيرن کي هدايت ڪئي ته مختلف اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ ذريعي جتي هڪ جهڙي معياري ??هولتن کي يقيني بڻايو وڃي اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته اسپتالن م ايندڙ ماڻهن خاص طور تي گهٽ تعليم يافته ماڻهن جي مناسب رهنمائي ڪئي وڃي. صحت ڪارڊ جي ذريعي معياري ??روس کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم هدايت ڪئي ته سهولت مان فائدو کڻندڙن جي فيڊ بيڪ کي نظام جو مستقل حصو بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به ڏکيائي کي وقت سر ختم ڪري ??گهجي. وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد ??ي موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي.