اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 12 ربيع ??لاول شايان شان طريقي سان ملهايو ويندو، پوري ملڪ ۾ ان حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون، اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي تقريب ٿيندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ 12 ربيع ??لاول جي تقريب جي تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي 12 ربيع ??لاول جي تيارين جي حوالي سان ت??صي??ي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين، نورالحق قادري، شفقت محمود، خاص معاونين شهباز گل، عثمان ڊار، سينيٽر فيصل جاويد، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني ۽ لاڳاپيل آفيسرن ش??ڪت ڪئي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي ش??ڪت ڪئي.