اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان مل??ئيشيا جي پرڏيهي وزير ??يف الدين عبدالله پنهنجي وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ مل??قات ڪئي. مل??قات دوران افعانستان جي صورتحال، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن بشمول ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا سميت ڊرامي ۽ فلم جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي صورتحال اهڙي طرح خراب ٿيندي رهي ته اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان جي وڏي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي افغانستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، افغانستان جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ پڻ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني ڊرامن ٻين زبانن ۾ ترجمي سان گڏ پنهنجو هڪ مقام ٺاهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستاني ڊرامن کي مل??ئيشيا جي عوام کي پڻ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي مل??ئيشيا جي پرڏيهي وزير ??يف الدين عبدالله افغانستان ۾ امن ۽ استحڪ??م خاص طور تي افغان عوام جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان اسلامي ملڪن جي تنظيم جو اهم ميمبر ۽ مسلمان امت ۾ اه?? مقام رکي ٿو. هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. مل??ئيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان ميڊيا، فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ تعاون کي فروغ ڏينداسين. مل??قات ۾ اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو.