اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني اليڪشن ۾ تح??يڪ انصاف جو اميدوار شوڪت ترين وڏي اڪثريت ??ان ڪامياب ٿي ويو، 145 جي ايوان ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين 87 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، اي اين پي جي شوڪت اميرزاده ۽ جمعيت علماءُ اسلام ج?? اميدوار ظاهر شاهه 13، 13 ووٽ حاصل ڪيا 9 ووٽ رد ڪيا ويا تح??يڪ انصاف ايوب آفريدي جي سينيٽ جي سيٽ تان مستعفي ٿيڻ تي شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏنو هو جڏهن ته اي اين پي جو شوڪت اميرزاده، پي پي جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه ناڻي واري صلاحڪار جي سامهون مقابلي ۾ هئا، خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف سينيٽ ضمني اليڪشن ۾ ڪاميابي تي شوڪت ترين کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظه??ر ڪيو ۽ چيو ته شوڪت ترين وڏي اڪثريت ??ان کٽڻ عمران خان جي پاليسين جي فتح آهي، وڏي وزير محمود خان جي قيادت ۾ صوبائي حڪومت هر ??قابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، شوڪت ترين ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.