اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ آفريقا جي آنجهاني اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي ويجهي ساٿي نوبل انعام يافته آرچ بشپ ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي تعزيتي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊسمنڊ ٽوٽو نسل پرستي جي خلاف ۽ انساني حقن جي ل??ءِ جدوجهد ۾ هڪ قدآور شخصيت هئي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ آفريقا ج?? آزادي ۽ قومي مفاهمت ۾ سندس اهم ڪر??ار اين??ڙ نسلن جي ل??ءِ مشعل راهه آهي.