اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ??ه حڪومت ملڪ ۾ اي ڪامرس جي وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، دنيا ۾ ڪاروبار جو مستقبل ٽيڪنالاجي جي بنياد تي اي ڪامرس پليٽ فارم سان واڳيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ينگ ان??ر پرينيورز/ اسٽارٽ اپس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته اي ڪامرس جي اهميت جو ادراڪ ڪندي ان جي گروٿ ۾ هر قسم جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن اسٽارٽ اپس جي ڪردار کي ساراهيندي چ??و ته ان سان اسان جي نوجوان آبادي جي لاءِ نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿي رهيا آهن جيڪا دنيا جي ٻي وڏي نوجوان آبادي آهي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اسٽارٽ اپس کي ڪيپيٽل گين ٽيڪس، ڊيجيٽل سگنيچرز، ان??يليڪچوئل پراپرٽي رائيٽس ۽ عيرملڪي سڌوسنئون سيرپڪاري کي پرڪشش بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ ??زي??اعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اي ڪامرس بي مثال رفتار سان ترقي ڪري رهي ??هي، هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر جي ويليو ۾ 2021ع ۾ پاڪستاني اسٽارٽ اپس جي سيڙپڪاري 37 ڪروڙ 50 لک ڊالر تائين وڌي. اهم اسٽارٽ اپس ۾ اي ڪامرس، لاجسٽڪ، فنٽيڪ ۽ هيلٿ ٽيڪ شامل آهن. اجلاس ۾ ??زي??اعظم جي واپار ??اري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ??زي??اعظم جي خاص معاون ۽ سياسي معاملن واري ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جي چ??ئرمين ظفر احسن، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد، ايس ٽي زيڊ اي جي چ??ئرمين عامر هاشمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.