اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان سان ڪائونسل آف منسٽرز جي ڊپٽي چيئرپرسن ۽ بوسنيا اينڊ هرزيگووين?? جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ترڪويچ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان پاڪستان جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي ??ي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا سميت سلامتي ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بوسني?? جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمر??ن خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بوسنيا ۽ هرزي??وي??ا سان پاڪستان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ انهن لاڳاپن کي سماجي، اقتصادي ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي وسيع تناظر ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ پنهنجي ملڪ جي تازه ترين سياسي اڳڀرائي جي باري ۾ پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووين?? جي عوام جي حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم بوسنيا ۽ هرزيگووين?? جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي.