اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ??يو. ايوان صدر جي مي??يا ونگ موجب ان موقعي تي صدر شهيدن جي پونيئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر حوالدار طارق يوسف، سپاهي اعجاز حسين، سليمان وقاص جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي وقار احمد، محمد جواد ۽ ارشد علي جي پونئيرن سان پڻ ??فسوس جو اظهار ??يو. صدر عارف علوي 12 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيدن جي وارثن سان پڻ تعزيت جو اظهار ??يو. هن ميجر شجاعت حسين ?? سپاهي عمران خان جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي.