اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي لا??ِ اڀرندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي اختيار ڪرڻ جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته نوجوانن ۽ ا??سا??ي وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگت ۾ قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽي جي 10 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سيکاري مختصر عرصي ۾ تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي، عورتن کي معيشت جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ، مختلف پيشن ۾ نوڪريون فراهم ڪري مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته عورتون تعليم حاصل ڪرڻ کانپو??ِ افرادي قوت جو حصو بڻجن ۽ ڪم ڪنديون رهن، رياست ۽ سماج عورتن جي تعليم تي تمام گهڻي سيڙپڪاري ڪئي آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان عورتن لاءِ پارٽ ٽائم نوڪري ڪرڻ ۽ گهرن کان آن لائين خدمتون پيش ڪرڻ ممڪن ٿي ويو آ??ي، صدر چيو ته عورتن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪيا ويا آهن، ڪاروباري قرضن مان فائدو کڻندڙ عورتن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان پنهنجي بهترين ا??سا??ي وسيلن کي ٻاهرين ملڪ برآمد ڪيو، بهترين ا??سا??ي وسيلن جي برآمد سان ملڪ ۾ قابل ۽ هنرمند ا??سا??ي وسيلن جي کوٽ واقع ٿي، ملڪ ۾ هنرمند ا??سا??ي وسيلا برقرار رکڻ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن، صدر نوجوانن تي زور ڏنو ته هو نتيجا خيز پيشيوراڻي زندگي لاءِ علم ۽ هنر سان اعليٰ اخلاقي قدر ۽ معيار اختيار ڪن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته غير تعليم يافته غير هنرمند آبادي کي علم ۽ هنر فراهم ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ معاشري جي تعليم يافته طبقن ??ي اضافي ذميداري آهي. صدر چيو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ نوجوان نسل جو ڪردار سڀني کان اهم آهي، پاڪستاني زندگي جي هر شعبي ۾ ماهر پيدا ڪيا آهن جيڪي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اسان دهشتگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ 40 لک پناهگيرن کي 40 سالن تائين پناهه ڏني آهي، هن چيو ته گلگت بلتستان معدني وسيلن سان مالا مال آهي، ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته ان شعبي ۾ ماهر پيدا ڪيا وڃن ته جيئن ان دولت کي ملڪي ترقي لا??ِ استعمال ۾ آڻي سگهجي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوزيشن هولڊرز ۾ ميڊلز ورهايا.