اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ رهن ٿا، ٻئي قومون گڏيل سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ??ڌل مثالي دوستاڻا لاڳاپا رکن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ترڪيءَ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير احسان مصطفيٰ يرادڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ رهن ٿا. ٻئي قومون گڏيل ساماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ??ڌل دوستاڻا لاڳاپا رکندڙ آه??. اميد آه?? ته گڏيل طور تي ??ائديمند گهڻ رخا لاڳاپا مستقبل ۾ به مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا. ترڪيءَ ۽ پاڪستان ٻين مسلمان ملڪن سان گڏ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن سميت مختلف فورمن تي اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪيو. صدر چيو ته گڏيل ڪوششن جي ڪري گڏيل قومون 15 مارچ اسلامو فوبيا سان مقابلي جي عالمي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو. اسلامو فوبيا سڄي دنيا ۾ ۽ خاص طور تي ڀارت ۾ وڌي رهيو آه??. ڀارت ۾ سمورن مذهبي اقليتن خاص طور تي ??سلمانن کي بنا ڪنهن خوف جي ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڀارت ۾ مسلمانن جي گهرن ۽ عبادتگاهن کي مسمار ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جي مذهبي علامتن ۽ شخصيتن جي توهين ڪئي وئي. صدر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ترڪيءَ پاران پاڪستان جي مستقل حمايت جا ٿورا مڃيا. ٻئي ملڪ قبرص، غيرقانوني ڀارتي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گڏيل قومن جي نئين سر جوڙجڪ جي معاملي تي ??ڪ جهڙا خيال رکندڙ آه??. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ملازمت جو مدو مڪمل ٿيڻ تي ??بارڪباد پڻ ڏني. صدر پاڪ ترڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ذاتي ڪردار کي پڻ ساراهيو.