دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم برس??تن جي نئين سلسلي جي ڏس ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف قطر مان ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف جي قدمن جي نگراني ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي سميت سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ک??تن کي گڏيل حصيداري سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته برس??تن جو مسلسل سلسلو ٻوڏ جي تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي. ٻوڏ سبب ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، انهن جي مدد اسان سڀني جو فرض آهي، قدرتي آفت جو شڪار علائقن ۾ بحا??ي هڪ تمام وڏو ڪم آهي، اهو گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. وزيراعظم اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين، سرندي وارن ادارن ۽ تنظيمن کي متاثرين جي مدد جي ڪم ۾ هٿ ونڊرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.