اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچي ويو آهي، قطر جي ٽرانسپورٽ واري وزير جاسم سيف السليطي دوحه ??ي هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي دعوت تي قطر جو د??رو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جو قطر جو د??رو پاڪستان قطر ٻطر??ن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي امن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعاون جي فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزارت عظميٰ سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جي پهرين قطر جي دوري جي دوران پاڪستان ۾ زراعت، قابلت جديد توانائي، هوابازي، انفراسٽرڪچر، سياحت، لائيف اسٽاڪ، کاڌي پيتي جي شين جي درآمدي، صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ ق??ري سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير ۽ قطر جي ٻي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو.