اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي مدد ل??ءِ سول ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته ٻوڏ ??ان متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل بجلي ۽ رستن جي نيٽ ورڪ ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن سسٽم جي بحالي بهترين هم آهنگي ۽ محنت جو نتيجو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ ??ان متاثر علائقن ۾ جاري ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ جي ل??ءِ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اح??ن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار اح?? خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا، مولانا طاهر اشرفي ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾و زيراعظم ٻوڏ سٽيلن جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جو جائزو ورتو. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي تازي صورتحال ??ان آگاهه ڪيو. هنن دوست ملڪن مان پاڪستان کي پهچندڙ عالمي امداد بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد جي ل??ءِ سول ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ٻوڏ ??ان متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل بجلي ۽ رستن جي نيٽ ورڪ ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن سسٽم جي بحالي بهترين هم آهنگي ۽ محنت جو نتيجو آهي. وزيراعظم قومي رستن ۽ ريل نيٽ ورڪ کي پاڻي مان ڪڍڻ جي ل??ءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي پاڻي گهٽ ??ي ويو آهي اتي خصوصي قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي.