اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اڳوڻو دور ميڊيا جي لاءِ ڪارو ترين دور هو، گذريل دور ۾ ميڊي اتي پابنديون هنيون ويون، صحافين جا قلم ٽوڙيا ويا، انهن جا هلندي پروگرام بند ڪيا ويا، مري جي سياسي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلات?? کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافي?? کي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳا??هه هن ملاقات لاءِ آيل مري پريس ڪلب جي صدر سڌير احمد عباسي جي قيادت ۾ مري پريس ڪلب جي وفد سان ڳا??هائيندي چئي. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت، مري پريس ڪلب ۽ صحافي?? کي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مري ملڪ جو ناليوارو سياحتي هل اسٽيشن آهي جتي سڄي ملڪ مان پورو سال لکين سياح سير جي لاءِ اچن ٿا، مقامي صحافي پنهنجي قلم ۽ ڪئميرا جي ذريعي پاڪستان خاص طور تي سڄي دنيا ۾ مري جي سياحتي اهميت کي ??جاگر ڪن ٿا. هن چيو ته مري پريس ڪلب جي ايڪريڊيٽيشن تي فوري ڪم شروع ??يو ويندو. هن چيو ته مري جي سياسي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلات?? کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافي?? کي سهولتن جي فراهمي لاءِ خصوصي قدم کڻندي. ان موقعي تي ڳا??هائيندي مري پريس ڪلب جي وفد چيو ته مري ۾ ٽي هزار جي لڳ ڀڳ واپاري آهن ج?? کي سدائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي ڪاروباري موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم??يو آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ آئي، هن مريءَ ۾سياحت جي فروغ لاءِ عملي قدم کنيا. مري پريس ڪلب جي وفد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جا مري پريس ڪلب جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جي حل جي خاطري تي ٿورا مڃيا.