وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار

image
APP30-211022 ISLAMABAD: October 21 - Chief Minister of Sindh Syed Murad Ali Shah called on Federal Finance Minister Mohammad Ishaq Dar at Finance Division .APP/ZID/SSH

اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ چئي. اجلاس ۾ اطلاعات وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ بحالي جي ڪمن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير ناڻي واري وزير کي غير معمولي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو، ناڻي واري وزير ٻوڏ جي تباهڪارين سبب پيدا ٿيل هن مشڪل گهڙي ۾ وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي رليف، بحالي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ