??سل??م آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سمورن شهيدن کي انهن جي لازوال قربانين تي زبردست خراج عقيدت ۽ انهن جي گهرڀاتين کي انهن جي عزم ۽ استقامت تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو آهي. والاريل ڪشمير تي ڀارتي جي غيرقا??ون?? قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ ڀارت جي غيرقا??ون?? طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي انهن جي مرضي جي خلاف غيرقا??ون?? قبضي کي 75 سال مڪمل ٿيا آهن. 75 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي فوج بردستي والاريل ڪشمير ۾ لاٿي ۽ ان وقت کان ڀارت علائقي تي زبردستي ۽ غيرقا??ون?? قبضو جا??ي رکيو آهي. هن چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار زبردست مشڪلاتن جي خلاف اميد جي جنگ، خوف جي خلاف همت ۽ ظلم جي خلاف قرباني جي جنگ رهيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلين جي لاءِ ڀارت جي ڪڌ مهم 5 آگسٽ 2019ع کان تيزي سان جا??ي آهي جڏهن ڀارت پنهنجي ئي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي رد ڪري ڇڏيو جنهن والاريل ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني هئي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت گذريل 3 سالن دوران جا??راڻا قدم کنيا جن جي ذريعي ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي علائقن ۾ هندو اڪثريتي چونڊ تڪ ٺاهيا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جا??ي ڪيا، زمين ۽ ملڪيت بابت نوان قانون ۽ ٻيا توسيع پسنداڻا ۽ جا??راڻا قدم شامل آهن. هن چيو ته چونڊ فهرستن ۾ غيرڪشميري رهواسين کي شامل ڪيو پيو وڃي، اهي غيرجمهوري ۽ غيرقا??ون?? قدم گڏيل قومن جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جو ڀارت جو ڪڌو قدم بدنيتي تي ٻڌل مهم کانسواءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج جي موجودگي سان والاريل ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڌيڪ فوجي رکندڙ علائقن مان هڪ بڻجي ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميرين جا 3 نسل دنيا ۽ گڏيل قومن جي واعدن جو انتظار ڪندا رهيا ته اهي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ڀارت کي جوابده بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقا??ون?? قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي.