اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان ?? پاڪستان جي سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي و??پس گهرائڻ جو ڪو ارادو نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي جمعي ڏينهن ٿيندڙ حملي جي حوالي سان ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي و??پس گهرائڻ جو ڪو منصوبو نه آهي. پاڪستان افغانستان ?? عبوري حڪومت سان رابطي ۾ آهي ۽ افغانستان ?? پاڪستاني سفارتي عملي ۽ مشنز جي حفاظت جي لاءِ حفاظتي انتظامن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.