اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ جي ??اءِ رڳو قدرتي ۽ انساني وسيلا ڪافي نه آهن، دانشمندي، پاليسين ۾ مستقل مزاجي، پريشانين کان پاسو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان فعال تعاون ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي ??اءِ ضروري آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ گلگت بلتستان حڪومت جي اهتمام هيٺ ”جي بي ڊري?? روڊ شو“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه، گلگت بلتستان جي ??ڏي وزير خالد خورشيد خان، جي بي حڪومت جي ??زيرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته گلگت بلتستان کيس تمام عزيز آهي ۽ هن سدائين هن خطي جي سياحتي جاين کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ بطور سفير هن خطي جي ??مائندگي ڪئي، سياحن کي علائقي ۾ سهولتون فر??هم ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته گلگت بلتستان قدرتي وسيلن جهڙن معدنيات، قيمتي جواهرات ۽ ميون سان مالامال آهي، اسان کي جواهرات جي ڪٽائي ۽ فنشنگ جي ??اءِ سائنسي طريقا استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهڙي طرح جي ڪم لاءِ گهربل هنر تمام گهٽ وقت ۾ سکي سگهجي ??و، خطي جي ??وجوانن جي ??اءِ آءِ ٽي جي ??هارت جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته آءِ جي ??هارت رکندڙ ماڻهو آن لائين پليٽ فارمز جي ذريعي پاڪستان ۾ رهندي ٻين ملڪن ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪري پنهنجي ??اءِ روزگار پيدا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي روزگار جا موقعا پڻ فر??هم ڪرڻ جي ??اءِ ??هم آهي جنهن سان اهي پنهنجي گهرن مان ڪم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته مختلف تعليمي پس منظر سان تعلق رکندڙ 2.4 ملين ماڻهن وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام، ڊيجي اسڪلز مان فائدو کنيو آهي، ملڪ جي ??وجوانن ۽ عورتن کي ??هم ۽ قابل مارڪيٽ ڊيجيٽل مهارت فر??هم ڪرڻ جي ??اءِ اهڙن پروگرامن کي اختيار ڪري سگهجي ??و. هن چيو ته گلگت بلتستان جو هڪ شاگرد جنهن ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام سان پنهنجي تربيت حاصل ڪئي اهو اٽڪل هڪ لک ڊالر ڪمائي رهيو آهي. صدر چيو ته جي بي جي ??اءِ زراعت جي ??يدان ۾ به عمودي آبادگاري ۽ ڊرپ فارمنگ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، جي بي نه رڳو پنهنجي خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو پر ان ۾ هالينڊ وانگر دنيا کي برآمد ڪرڻ جي صلاحيت آهي جيڪو پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر دنيا ۾ خوراڪ پيدا ڪندڙ ٻيو وڏو ملڪ سڏرائي ٿو. هن چيو ته آئيڊياز جي بهتات آهي پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته حقيقي ترقي ڪميونٽي جي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي ۽ جي بي جي ??اڻهن کي علائقي ۾ ترقي جي ??روغ لاءِ پوري طرح ۽ فعال طور تي مصروف عمل ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي گلگت بلتستان جي ??ڏي وزير خالد خورشيد شاهه چيو ته ماضي ۾ جي بي کي وسيلن جي ??رڇ جي حوالي سان نظرانداز ڪيو ويو ۽ جيڪي فنڊز ڏنا ويندا هئا اهي اڪثر پگهارن بابت خرچن ۾ خرچ ٿيندا هئا. هن چيو ته سندس حڪومت گذريل ٻن سالن کان ترقي جي ??اءِ وڌيڪ فنڊز مختص ڪري رهي آهي ۽ ان جو ڌيان ترقي طرف آهي، اسان جي ترجيحن ۾ خاص طور تي مختلف رستن جي ذريعي جي بي جي باقي ملڪ سان رستي جي رابطي کي بهتر بڻائڻ، تعليم جي شعبي جي اصلاح، خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي ??اءِ زراعت جي شعبي کي فروغ ڏيڻ، صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ ۽ مقامي حڪومتن جي ??ظام ۾ سڌارا شامل آهن. تقريب ۾ شعيب سلطان آغا خان جي بي بابت رورل سپورٽ پروگرام سان پنهنجي ڊگهي سفر جو احوال ٻڌايو ۽ چيو ته هن رورل سپورٽ پروگرام جي ??اءِ 40 سالن تائين ڪم ڪيو ۽ اها ماڻهن ۽ ڪميونٽي جي حمايت ئي هئي جنهن ان کي ڪامياب بڻايو. ان کان اڳ صدر شو جي ??ختلف اسٽالز جو پڻ دورو ڪيو.