اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پشاور حملي کانپ??ءِ قوم ڏک ۾ ٻڏل آهي، اهو حملو پاڪستان تي حملي کان گهٽ نه آ??ي، دهشتگردي اسان جي قومي سلامتي ج?? لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڪستاني قوم جي عز?? کي اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هينئر پشاور کان واپس آيو آهيان، انساني الميي جو ڪاٿو ناقابل تصور آهي، اهو پاڪستان تي حملي کان گهٽ نه آ??ي، قوم ڏک جي احساس ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آ??ي ته دهشتگردي اسان جي قومي سلامتي جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندانن جي درد کي لفظن ۾ ٻڌائي نٿو سگهجي پر آئون دلي تعزيت ۽ انتهائي اخلاص سان انهن سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ جي ان ڪڌي واقعي جي ذميوارن ج?? لاءِ منهنجو پ??غام آهي ته توهان پاڪستان جي عوام جي عز?? کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو.