اسلام آبا?? – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان 8 مارچ تي نيويارڪ ۾ ??ڏي?? قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”اسلام ۾ عورتون: اسلامي دنيا ۾ عورتن جي حقن ۽ سڃاڻپ کي سمجهڻ“ جي موضوع تي هڪ ڏينهن جي ڪانفرنس جي ميزباني ??ند??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ان ڪانفرنس جو اهتمام ??ڏي?? قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ عورتن جي حيثيت بابت ??ڏي?? قومن جي ڪميشن جي 67 هين اجلاس جي موقعي تي ڪري رهيو آهي. ڪانفرنس جو مقصد اسلام ۾ عورتن جي حقن بابت تصور ۽ حقيقت جي فرق کي ختم ڪ??ڻ ۽ مشهور مسلمان عورتن جي تجربن ۽ ڪاميابين جو جشن ملهائڻ آهي. ان فورم جو مقصد عورتن جي حيثيت بابت ??ڏي?? قومن جي ڪميشن جي اجلاس جي موقعي تي هڪ سالياني پاليسي ڊائيلاگ قائم ڪرڻ آهي ته جيئن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ او آءِ سي ملڪن ۾ عورتن جي ڪردار کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا ڳوليا وڃن.