اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي بحالي جي حوالي سان پاڪستان پاران ريليف ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ترڪيه جي لاءِ مجموعي طور تي 69 اڏامن جي ذريعي 2686 ٽن خيما روانا ڪيا ??يا آهن جڏهن ته 2597 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام کي سامونڊي جهازن جي ذريع?? موڪليو ويو. وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي 50 هزار خيما تيار ڪرايا آهن جن ۾ فائر پروف خيما پڻ شامل آهن. اين ڊي ايم اي هيستائين 26 خصوصي اڏامن جي ذريعي 36402 سردي ج?? موسم جا خيما ترڪيه موڪليا ??يا آهن.