اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪوبه آئين ۽ قانون کان مٿاهون ناهي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو پارليامينٽ جو اختيار آهي، اسان کي احتساب، اتحاد ۽ گورننس ۾ بهتريءَ لاءِ عزم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??ين??ٽ جي 50هين سالگره جي موقعي تي خصوصي ??جل??س کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايوان ۾ موجود سمورين شخصيتن کي گولڊن جوبلي مبارڪ هجي، اها تقريب ??ين??ٽ چيئرمين جو قابل تحسين قدم آهي. هيءَ تقريب جمهوري قدرن جي حوالي سان اهميت وارو آهي. ??ين??ٽ وفاق جي علامت آهي جنهن ۾ سمورن صوبائي اڪائين جي نمائندگي شامل آهي. پ پ ان آئين جي خالق آهي، هي آئين مشڪل حالتن ۾ ملڪي استحڪا?? جو ضامن رهيو، ان ۾ مساوات جي اصول تي عمل ڪيو ويو. هن چيو ته سمورين سياسي اختلافن باوجود پارليامينٽ خاص ڪري ??ين??ٽ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، اسان کي عملي قدمن ذريعي سياسي قدرن تي عمل ڪرڻ گه??جي. اسان کي ??ين??ٽ جي عزت ۽ احترام ۾ واڌ لاءِ قدم کڻڻ گه??جن، مستقبل ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ??ين??ٽر شيري رحمان چيو ته موسمياتي تبديلي بين الاقوامي مسئلو آهي، اسان آئين جو احترام ڪريون ٿا، ان ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گه??جن ته ائين ئي هئڻ گه??جي. ڪوبه آئين ۽ قانون کان مٿاهون ناهي، ڪنهن کي عدليه ۽ ادارن کي نشانو بنائڻ نه گه??جي. آئين ۽ قانون جو احترام ڪرڻ گه??جي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو، شهيد بينظير ڀٽو پارليامينٽ جو هميشه احترام ڪيو، اسان کي احتساب، اتحاد ۽ گورننس ۾ بهتريءَ لاءِ عزم ڪرڻ جي ضرورت آهي.