اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪ يورپي يونين ڪائونٽر ٽيررازم ڊائيلاگ 27 اپريل تي برسلز ۾ منعقد ٿيو. ڊائيلاگ 2019ع جي ??سٽريٽجڪ انگيج??ين?? پلان جي فريم ورڪ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي وسيع تر مشغوليت جي ??صي طور دهشتگردي جي ??اتمي جي ??عاون تي اهم ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان موجب ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي ??مورين شڪلين جي پرزور مذمت ڪئي ۽ پرتشدد انتهاپسندي، آف لائين ۽ آن لائين بنياد پرستي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي وڌائي دهشتگردي ??و گڏيل مقابلو ڪرڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. هن گهڻ رخي فورم جهڙوڪ گڏيل قومن ۽ گلوبل ڪائونٽر ٽيررازم فورم ۾ دهشتگردي جي ??اتمي جي ??عاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊائيلاگ افغانستان جي ??ورتحال جي وسيع تر سلامتي جي ??طرن سميت علائقائي ۽ عالمي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. اجلاس دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مدد جا ٺوس طريقا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪيو. لاڳاپيل وفدن جي قيادت يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس ۾ ڪامن سيڪيورٽي اينڊ ڊفينس پاليسي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر بينيڊڪٽا وون سيهر ٿوس ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۾ دهشتگردي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالحميد ڪئي.