اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي وزيراعظم شيخ احمد نواف الصباح کي ٽيليفون ڪري عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني اهي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳا??ن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي رابطن ۾ تبديل ڪ??ڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان پاران انهن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳا??ن کي ۾ تبديل ڪ??ڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڪويت جي وزيراعظم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڪو??ت ۽ پاڪستان هلندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ٻن??ي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم ڪ??ڻ جي مقصد سان انهن کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ تي اتفاق ڪيو.