گووا – 05 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري چيو آه?? ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، ڪشم??ر بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آه??، ڀارت جي هڪطرفي قدم سان لاڳاپا متاثر ٿيا، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر بابت آگسٽ 2019ع ۾ هڪطرفو قدم کنيو جنهن سان مشڪلاتون پيدا ٿيون، ان قدم سان ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ضروري آه?? ته آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قدم کي ختم ڪيو وڃي، پاڪستان جو ڪشم??ر بابت موقف واضح ۽ ٺوس آه??، ڪشم??ر بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته اسان جو سدائين کان موقف رهيو آه?? ته ڀارت سان معمول جا لاڳاپا هجڻ گهرجن، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشم??ر بابت ڀارت کي 4 آگسٽ 2019ع جي صورتحال تي واپس اچڻو پوندو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي هن تنظيم جي ميمبر پرڏيهي وز??رن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي عوام امن چاهي ٿي، ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي جي ڪري پاڪستان شديد متاثر ٿيو، ايس سي او کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي وڪالت ڪئي پر ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي هڪطرفي قدم ماحول کي نقصان پهچايو. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطفي قدم سان نه رڳو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن پر ٻطرفن معاهدن جي پڻ خلاف ورزي ٿي آه??. هن چيو ته ڀارتي خلاف ورزي سان اعتماد جي کوٽ پيدا ٿي آه?? ڇو ته ڀارت مستقبل ۾ به هڪطرفي طور تي ٻطرفن معاهدن جي خلاف ورزي ڪري سگهي ٿو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي 20 سربراهه اجلاس جي ميزباني جي ڀارتي فيصلي بابت سوال تي پرڏيهي وز??ر چيو ته اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت کي جلد خبر پوندي ته هو 110 سيڪڙو حاضري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو ڇو ته ٻيا پنهنجي اخلاقيات تي ٺاهه نه ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بنا ڪنهن فرق جي ڀارتي پرڏيهي وز??ر جئه شنڪر سمورن پرڏيهي وز??رن جو اهڙي طرح استقبال ڪيو جيڪو سنڌ ۽ ملتان جي انداز سان ملندڙ جلندڙ آه??. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته 2026ع ۾ پاڪستان سي ايف ايم جي سربراهي سنڀاليندو، اميد آه?? ته ڀارت گڏيل سفارتي معاهدن جي بنياد تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ اڪثر ماڻهو امن سان رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسان کي راندين کي سياست يا پرڏيهي پاليسي جو يرغمال بڻائڻ نه گهرجي. راندين جو مقصد اهو آه?? ته توهان ان کي اهڙن مسئلن کان پري رکو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي چيئر طور پنهنجون ذميواريون نڀائڻ تي ڀارتي هم منصب کي ساراهيو. هن پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي انتظامي ۽ ثقافتي شو کي پڻ ساراهيو جنهن ۾ سمورن ميمبر ملڪن جي نمائندگي ڪئي وئي.