اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا ت??ريخي لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان ??اپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، سياحت، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??اڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پاچاجي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و زيراعظم پنهنجي ترڪيه جي تازي دوري دوران شاندار مهمان ??وازي تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ??وقعي تي چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا ت??ريخي لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام رکن ٿا. وزيراعظم صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه جي نئين ٺهندڙ ڪابينا جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ترڪيه سان ??اپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، سياحت، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ??لاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ٻاهرئين سيڙپڪاري جو موزون ترين وقت آهي جڏهن ته ترڪ ڪمپنين جي ان حوالي سان گهري دلچسپي خوش آئنده آهي. وزيراعظم ترڪ سفير کي صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ??ائي ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو ڪائونسل جي ستين اجلاس جي لاءِ ترڪ صدر جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.