اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت سيڙپڪاري بورڊ جي 2 جاري ۽ 2 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 1114.760 م??ين رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي دستاويز موجب پاڪ چين اقتصادي لنگهه انڊسٽريل ڪارپوريشن ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ 44.368 م??ين رپيا جڏهن ??ه سيڪٽر ميپنگ اينڊ ريگيوليٽري ٽرانسفارميشن (سمارٽ) جي لاءِ 150 م??ين رپيا رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ جي 2 نئين منصوبن جن ۾ اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي زمين ۽ فزيبلٽي جي لاءِ 405.632 م??ين رپيا ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ ون ا??ٽا?? سروس قائم ڪرڻ جي لاءِ 514.760 م??ين رپيا رکيا ويا آهن. ان کانپوءِ سيڙپڪاري بورڊ جي 2 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 920.392 م??ين رپيا رکيا ويا آهن.