اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب پي ٽي وي جي ڊائريڪٽر ??روگر??م اڪبر ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن اڪبر ملڪ جي گهرڀاتين ۽ ٻار?? سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي قومي ٽي وي جي لاءِ خدمتن تي اڪبر ملڪ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته اڪبر ملڪ هڪ پروفيشنل، هر ڪنه?? سان شفقت ۽ احترام سان ملندڙ شخصيت هئي، هو اداري ۾ پنهنجي پيشيواراڻي اهليت جي اعليٰ معيار جي ڪري سڃاتو ويندو هو، ان جو لاڏاڻو قومي اداري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي.