اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نصاب ڪنهن به تعليمي انفراسٽرڪچر ۾ ڪرنگه?? جي هڏي ??ي حيثيت رکي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ کي پنهنجي قومي نصاب ۾ شامل ڪري، اسان پنهنجي ايندڙ نسل جي لاءِ پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کي چڱي طرح سان ڄاڻڻ جو بنياد رکيو آهي. هن چيو ته اسان جو تصور اهو آهي ته جڏهن اسان جا ٻار هن ملڪ جون واڳون سنڀاليندا ته اهي آئين سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي علم کان به چڱي ريت واقف هوندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سلمان صوف?? جي سربراهي ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ تعليم واري وزار?? سان گڏجي انهن س??ارن جي قيادت ڪئي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته اسان پنهنجي حڪومت جي مد?? جي مختصر عرصي ۾ بامعنيٰ تعليمي سڌارن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهون.