اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۽ باصلاحيت نوجوانن جي حوصلا افزائي ??ي لاءِ پاليسي فريم ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، آءِ ٽي جي ??روغ لاءِ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اسان جا هوشيار نوجوان دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندا ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد پيشيواراڻي سيڙپڪاري ۽ نيشنل انوويشن ايوارڊز (قومي اختراعي ايوارڊز) جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ اتي رکيل مصنوعات کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، نوجوانن زراعت جي ترقي ??ي لاءِ ڊرونز ٺاهيا آهن، ڪيلي جي ڇلڪي کي پڻ استعمال ۾ آڻي مصنوعات ٺاهيون آهن، ا?? کانسواءِ پاڪ فوج کي اوزارن جي ??راهمي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيا آهن، نوجوانن جي ??ابليت کي ماضي ۾ استعمال ۾ آندو وڃي ها ته تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ٿين ها، نوجوانن پنهنجي ??ابليت ۽ هن?? جي بنياد تي ايوارڊ کٽيا آهن، ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي ??وجوانن مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود هنر سکيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي، اسان کي ڏورانهن علائقن ۾ موجود ڳُجهي ٽيلينٽ کي ڳولڻ ۽ انهن کي تربيت ڏيڻي آهي، آءِ ٽي جي ??روغ لاءِ ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته نوجوان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندا ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائيندا. وزيراعظم چيو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي 10، 15 سال اڳ نکاريو وڃي ها ته انهن جي صلاحيتن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهجيو پئي، 10 – 2009ع ۾ اسان لاهور ۾ ارفع ٽاور ۾ پهريون انڪوبيشن سينٽر قائم ڪيو ۽ پهرين آءِ ٽي يونيورسٽي ٺاهي، قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي نکارڻ ??ي لاءِ 5 نه 50 ارب رپيا گڏ ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته اسان کي تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش آهن پر ان جي باوجود اسان بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ??ي لاءِ وڏا فنڊز رکيا آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي چئني ڪنڊن ۾ اسان جو ٽيلينٽ موجود آهي، اسان کي ان مان فائدو کڻڻو آهي، حڪومت جو فرض آهي ته چئني ص??بن?? گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ نوجوانن جي تربيت، صلاحيت ۽ حوصلا افزائي ??ي لاءِ جيترا به وسيلا فراهم ڪري سگهي ٿي، ڪري، ا??ڊومنٽ فنڊ جي آمدني سان نوجوانن جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي، نوجوانن ۽ قوم جي ترقي ??ي لاءِ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وڃي، نوجوانن جي حوصلا افزائي، تربيت ۽ رهنمائي ??ي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ گهرجي جيڪا نوجوانن جي صلاحيتن کي نکارڻ ??ي لاءِ ڪم ڪري، ا?? ??ي لاءِ هڪ ٺوس منصوبو ٺاهڻ جي ضرورت آهي، ا??ڙو پاليسي فريم ورڪ ٺاهيو وڃي جنهن کي ڪابينا مان منظور ڪرايو ويندو ۽ عبوري حڪومت تي لازمي هوندو ته اها ان تي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪم جاري رکي ۽ پوءِ اڳتي جيڪا به حڪومت اچي اها ان حوالي سان نوجوانن جي صلاحيتون نکارڻ جي ??اليسي کي اڳتي وڌائي ۽ انهن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪري. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان ايندڙ 5، 7 سالن ۾ نوجوانن کي وسيلا فراهم ڪيا ته اهي اربين ڊالر ملڪ ??ي لاءِ ڪمائي ايندا. وزيراعظم چيو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، فيصلو ڪريو ته فري لانسرز ??ي لاءِ وينچر ڪيپيٽل، توانائيون ۽ ڀرپور وسيلا فراهم ڪيا ويندا. انفارميشن ٽيڪنالاجي ??اري وفاقي وزير ماين الحق چيو ته ڊيجيٽل پاڪستان وزيراعظم جو ويزن آهي، فري لانسرز جي ??دد ۽ حمايت ڪئي ويندي، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رابطي کي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ڪو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏجي آءِ ٽي جي ??روغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ موبائيل فون صارفين جو انگ 19 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ براڊ بينڊ استعمال ڪندڙن جو انگ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي. وزيراعظم جي ??وجوانن جي ??عاملن واري خاص معاون شزه فاطمه خواجه چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ??ي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، پروگرام جو مقصد نوجوانن جي آئيڊياز کي متعارف ڪرائي قابل عمل بڻائڻ آهي، ا??ڊوومنٽ فنڊ به موجوده حڪومت جو هڪ تمام وڏو ڪارنامو آهي، ڪوشش آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ به نجي سيڙپڪاري اچي، نوجوانن جي ??لڪي ۽ عالمي سطح تي حوصلا افزائي ڪئي ويندي رهندي، حڪومتي قدمن سان مستقبل ۾ ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ايندي رهندي. ان کان اڳ وزيراعظم مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اسٽالز تي موجود نمائنده وزيراعظم کي پنهنجي ??صنوعات بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم باصلاحيت نوجوانن جي ??هارت تي خوشي جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙن تاڙيون وڄائي نوشڪي جي ??وشيار شاگردياڻي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ به اسان جو لڪل ٽيلينٽ موجود آهي ۽ ٽيلينٽ بابت ڄاڻي منهنجي دل تمام گهڻي خوش ٿي آهي. وزيراعظم 10 ڪامياب نوجوانن ۾ نيشنل انوويشن ايوارڊز ورهايا.