اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) چين جو نائب وزيراعظم هي لي فين?? پاڪستان جي ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ چين واپس روانو ٿي ويو. منصوبابند??، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال معزز مهمان کي رخصت ڪيو، ان موقعي تي چين جي نائب وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جو يادگاري البم پڻ پيش ڪيو ويو. چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پنهنجي دوري دوران صدر ۽ وزيراعظم ??ان ملاقاتون ڪيون ان کانسواءِ هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي ??ان ٿيندڙ تقريبن ۾ پڻ شرڪت ڪئي.