اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان هڪ ڀير?? ٻيهر معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، 15 مهينا اڳ ??ڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ اندر معاشي بدحالي هئي، نواز شريف دور ۾ آءِ ??يم ايف پروگرام مڪمل ٿي چڪو هو، جڏهن ته اڳوڻي حڪومت معيشت کي ايترو تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان کي واپس آءِ ??يم ايف وٽ وڃڻو پيو ۽ پوءِ ??نهن پنهنجي ئي صحيحي سان آءِ ??يم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ان کي معطل ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ڪوششن سان آءِ ??يم ايف پروگرام بحال ٿيو، ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. پاڪستان قديم تهذيبن جو هنڌ آهي، جنهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ??سڪرين ٽوئرزم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽرل بورڊ آف فلم سينسرز ۾ سينسر سينيما هال جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته سموري دنيا ۾ فلم سينسر جو لفظ استعمال ناهي ٿيندو، جڏهن ته فلم سرٽيفڪيشن جو نالو ورتو ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 1970ع کان پوءِ فلم انڊسٽري تي ڪافي بهتان لڳا جنهن جا اثر اڄ تائين جاري آهن، انهن اثرن کي ختم ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ ??سڪرين ٽوئرزم تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙا ادارا موجود هئڻ گهرجن جيڪي سياحتي موضوعن تي دستاويزي فلمون ٺاهيندڙن کي سهولتون ڏئي سگهن. ان مقصد لاءِ ??سان پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪم شروع ڪيو آهي، هن چيو ته نواز شريف پنهنجي دور ۾ پاڪستان ڪلچر پاليسيءَ جي شروعات ڪئي هئي، جنهن تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته فلم انڊسٽري کي سبسڊي ڏني پئي وڃي، اسان جي ثقافت ۽ قومي ورثو انتهائي اهميت رکي ٿو. هن فلم سينسر بورڊ ۾ سينسر سينيما جي افتتاح تي سڌ سماءَ واري وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان کي فلم سينسر لاءِ پرائيويٽ سينيما جون خدمتون وٺڻيون پونديون هيون، هاڻي اها سهولت فلم سينسر بورڊ م دستياب هوندي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي عمارتن جي احاطن ۾ سينيما گهر قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي سستيون تفريحي سهولتون ملي سگهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ??ڪومت دوست ملڪن کي ناراض ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف اقتدار م اچي دوست ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي بهتر بڻايو. هن چيو ته ٻوڏ دوران به بحالي جون سرگرميون شروع ڪيون، معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ??اص سيڙپڪاري سهولت ??ائونسل جو قيام عمل ۾ آندو جيڪو سيڙپڪاري لاءِ ??هم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي شروعات ڪئي وئي آهي ته جيئن انهن کي باوقار طريقي سان صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هي اهو قدم آهي جنهن جي اڄ تائين ڪنهن به ذميواري نه کنئي ۽ معاشري جو اهو حصو جنهن کي ڪنهن به ترجيح نه بڻايو، صحافين کي هاڻي اها سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سڌ سماءَ واري سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي سهيل علي خان جي قيادت ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي انسٽيٽيوشنلائيز ڪيو، ريڊيو ۾ جديد ٽيڪنالاجي لڳائي پئي وڃي جنهن سان سڄي دنيا ۾ هن جي نشريات ٻڌي سگهبي. هن چيو ته اسان ريڊيو پاڪستان جي ملازمن لاءِ هڪ بزنس پلان ڏنو ته جيئن ان جا مالي معاملا بهتر ٿين. ريڊيو جو 4 ارب رپين جو ريڊيو منڊال ٽيڪنالاجي ذريعي پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي آهي جنهن سان 52 ملڪن ۾ ريڊيو ٻڌي سگهبو ۽ اها ٽيڪنالاجي سڄي دنيا ۾ استعمال ٿي رهي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت منهنجي ذميوارين ۾ شامل آهي، ان جي ادارن کي اسان مستحڪم ڪنداسين.