اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان پن??نجو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جاري ڪرڻ تي خوشي آهي. وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن 9 آگسٽ تي پن??نجي الوداعي اجلاس ۾ ميوزڪ پاليسي جي منظوري ڏني. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ميوزڪ پاليسي جون نمايان خصوصيتون پاڪستان جي موسيقي جي عظيم ورثي جو تحفظ، م??سيقي جي موجوده منظرنامي جي ترويج ۽ ترقي ۽ قانوني فريم ورڪ جي ذريعي ميوزيڪل ورڪ جو تحفظ شامل آهي، جيڪو فنڪارن جي لاءِ استعمال ۾ آسان، لاڳو ڪرڻ ۾ جامع ۽ ٽيڪنيڪي ترقي موجب آڻڻ جي قابل آهي. مريم اورنگزيب انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃ??ا جن ان تاريخي پاليسي ۾ تعاون ڪيو، جن ۾ فنڪار، وڪيل ۽ اطلاعات واري وزارت جا عملدار شامل آهن. اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪابينا جا به ٿورا مڃ??ا جن ان پاليسي جي منظوري ڏني ۽ ان کي حقيقت بڻائڻ ۾ مدد ڪئي.