اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي اس??يشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اس??يشل اولمپڪس جي پور?? ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برلن اس??يشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي اس??يشل اولمپڪس ٽيم جي ميمبرن سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪ??و. صدر ۽ خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ نالو روشن ڪرڻ تي پاڪستان جي اس??يشل اولمپڪس ٽيم کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي مثبت سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جا خواهشمند آهيون. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن موجب نوڪريون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پور?? ٽيم اس??يشل اولمپڪس راندين جي ميدان ۾ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان جي اس??يشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، خوشي ٿي ته ذهني معذوري جي شڪار ماڻهن به راندين ۾ حصو ورتو. صدر چيو ته پاڪستان جي اس??يشل اولمپڪس ٽيم ميڊلز کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.