اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ڊاڪٽر هذال حمود العتيبي تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ملاقات ??ئي ۽ کيس وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن سميت معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ انتهاپسنديءَ جي حوصله شڪنيءَ ۾ تعليمي ادارن جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ جامعه جي نائب صدر ايڊمنسٽريشن اينڊ فنانس ڊاڪٽر نبي بخش جماڻي پڻ موجود هو. تعليم واري وزير معاشري جي تعمير ۽ خدمتن ۾ يونيورسٽين جي ڪردار کي ساراهيندي يونيورسٽيءَ کي وڌ کان وڌ تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چ??و ته يونيورسٽيون انتهاپسنديءَ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ??يون. هن اميد ظاهر ??ئي ته اسلامي يونيورسٽي بهترين پليٽ فارم هئڻ جي ناتي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت تي ڪانفرنس منعقد ڪري. يونيورسٽيءَ جي صدر چ??و ته يونيورسٽي جلد ئي وزارت جي تعاون سان ان ڪانفرنس جو شيڊول بڻائيندي. هن اهو ٻڌا??و ته يونيورسٽي ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ ٻي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪندي، جنهن ۾ امام ڪعبه شرڪت ڪندو. هن ??ڌيڪ چ??و ته يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ليگ آف اسلامڪ يونيورسٽيز جي هڪ ٻي ڪانفرنس تي ڪم پڻ جاري آهي جنهن ۾ رابطه عالم اسلامي ليگ جو سربراهه شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ شاندار ڀائراڻي تاريخ رکن ٿا. هن ??ڌيڪ چ??و ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن سعودي عرب جي حڪومت جي ويزن جي به تعريف ??ئي ۽ چ??و ته خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. يونيورسٽي ءَجي صدر چ??و ته شاگردن جي سهولت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن، فاصلاتي تعليم ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان يونيورسٽي جي قدمن کان آگاهه ڪيو. صدر ان عزم جو اظهار ڪ??و ته هو اعليٰ تعليم ۾ بهتريءَ لاءِ وزير جي رهنمائيءَ ۾ وزارت سان تعاون وڌائڻ لاءِ پهرين صف ۾ شامل هوندو. ڊاڪٽر هذال ٻُڌا??و ته گذريل 3 سالن ۾ يونيورسٽي درجابندي ۾ بامعنيٰ ترقي ??ئي آهي. يونيورسٽيءَ جي صدر وزير تعليم کي يونيورسٽي جي دؤري جي دعوت ڏني جنهن کي هن ??بول ڪيو ۽ يونيورسٽيءَ جي جاري اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.