اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو. دوري دوران نگران وزيراعظم چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي ٽئين فورم ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، چيني ۽ روسي صدرن، چين جي وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي عهديدارن ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. نگران وزيراعظم ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي ??اء?? چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. بعد ۾ نگران وزيراعظم چين جي شهر ار??مچي جو دورو ڪيو جتي هن ار??مچي جي سياسي قيادت، ڪاروباري شخصيتن ۽ ار??مچي ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات ڪئي.