اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ فلسطين جي س??ارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اسرائيل جي هٿان انڌاڌنڌ قتلام جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل جي بربريت ۽ ان جي غيرمتناسب ردعمل ۾ هزارين بيگناهه ماڻهن جي شهادت جي مذمت ڪري. صدر فوري جنگبندي ۽ خوراڪ، بجلي ۽ پاڻي کان محروم ماڻهن تائين امداد موڪلڻ جي ل??ءِ هڪ انساني لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اسلام آباد ۾ فلسطين جي س??ير احمد جواد ربيع سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين ??لسطين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ رڳو اهو ئي قبول ڪندو جيڪو فلسطينين جي ل??ءِ قابل قبول هجي. ان موقعي تي صدر چيو ته گڏيل قومن کي ف??سطين ۾ ٿيندڙ ظلمن تي بحث ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي ل??ءِ قرارداد پاس ڪري. هن چيو ته اهڙي طرح جي وحشياڻي قدمن سان نفرت جا وڌيڪ امڪان پيدا ٿين ??ا جنهن سان وڌيڪ جنگيون شروع ٿين ??يون، او آءِ سي کي ف??سطين جي حمايت ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستاني عوام پاران اسان غزه ۾ ٿيندڙ بربريت، اسرائيل جي غيرمتناسب ردعمل ۽ گذريل 30 – 40 سالن کان نسلي فرق جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان مذمت ڪريون ٿا ته ماڻهن کي بيدرديءَ سان ماريو پيو وڃي، غزه جي اسپتال تي بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا، اهو سڀ ڪجهه وڌيڪ تلخي پيدا ڪري ٿو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگ اصل ۾ امن جي ڪنهن به امڪان کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام کي پرامن ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کان روڪڻ جي ل??ءِ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن، اهڙيون رڪاوٽون ڪڏهن به قائم ناهن رهنديون، عوام انهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين ??ه رياستي حل کي روڪيو ويندو، ماڻهو ردعمل ظاهر ڪندا رهندا. فلسطيني س??ير هن مشڪل وقت ۾ فلسطين جي س??ارتخاني جو دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن غزه ۾ اسرائيل جي قدمن کي ف??سطيني عوام جي نسل ڪشي قرار ڏنو. ان کان اڳ صدر فلسطيني س??ارتخاني ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا ۽ فلسطيني عوام ۽ وحشياڻي اسرائيلي حملن ۾ پنهنجون جانيون وڃائيندڙ شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.