اسلام آباد-01 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته جسماني تندرستي به ايترو ئي ضروري آهي جيترو تعليم جو ڪو ٻيو حصو آهي، جسماني تندرستي ۽ صحت کانسواءِ نوجوان مڪمل صلاحيتن تائين پهچي نٿو سگهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز، سيڪٽر ايف ايٽ ون جي سالياني اسپورٽس ڊي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن ايف ڊي اي کي حڪم ڏنو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اسلام آباد جي هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ اهڙي طرح جي راندين جي ايونٽس باقاعدي سان منعقد ڪرايا وڃن. وفاقي وزير چيو ته ايف ڊي اي کي هدايت ڪئي ته سمورين وفاقي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي گرائونڊز ۽ راندين جي سهولتن کي برقرار رکيو وڃي. هن چيو ته جسماني تربيت (پي ٽي) ڪلاسز جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پنهنجي دورن دوران هن مشاهدو ڪيو ته پي ٽي ڪلاسز مان پوري فائدو نه پيو کنيو وڃي. هن سمورن تعليمي ادارن جي پرنسپلز تي زور ڀريو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته پي ٽي ڪلاسز باقاعدگي سان منعقد ٿين ۽ ان جو استعمال سمورن شاگ??دن جي فٽنس کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو وڃي. تقريب جي شروعات تلاول قرآن پاڪ سان ٿي،آجياڻي وارو خطاب ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر آسيه رفيق ملڪ تعليم سان گڏوگڏ آئوٽ ڊور ۽ ??زي??ل گيمز جي اهميت تي روشني وڌي، جونيئر ۽ سينئر ٻنهي حصن جي شاگ??دن جوش ۽ جذبي سان راندين جي مقابلي ۾ حصو ورتو جن ۾ مارچ پاسٽ، پي ٽي ڊسپلي، ريبٽ ريس ۽ سادي 100 ميٽر ريس شامل هيون. خاص مهمان وفاقي وزير مدد علي سنڌي کٽيندڙن کي شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس سان نوازيو. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن کي توانائي، همت ۽ جوش کي ساراهيو ۽ راندين جي مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙن کي مبارڪون ڏنيون، هن شاگ??دن کي پنهنجي زندگي ۾ بهترين محب وط?? ۽ ذميوار شهري بڻجڻ جي ترغيب ڏني، هن شاگ??دن کي چاند بي بي ۽ فاطمه جناح کي رول ماڊل طور اختيار ڪرڻ لاءِ روشني وڌي، هن اهڙيون صحتمند سرگرميون منعقد ڪرائڻ ۾ استادن ۽ پرنسپل جي ڪوششن کي ساراهيو.