ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت خوراڪ جي تحفظ، زراعت، پن بجلي، معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪ??يت جي فرسٽ ڊپٽي وز??راعظم ۽ گهرو وز??ر شيخ طلال الخالد الاحمد ا??صب??ح سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. رياست ڪويت پاران پاڪستان جي مختلف شعبن بشمول فوڊ سيڪيورٽي، زراعت، پن بجلي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي سرگرمين ۾ تعاون جي لاءِ کاڻين جي کوٽا فنڊ قائم ڪرڻ، ٽيڪنالاجي زونز ڊيولپمينٽ ۽ مينگروو جي تحفظ سميت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ ثقافت ۽ آرٽ، ماحوليات ۽ پائيدار ترقي جي سعبن ۾ تعاون جي لاءِ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي رفتار تي انتهائي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ پاڪستان ۽ ڪويت لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وز??راعظم ڪويت سان انهن معاهدن کي انهن ڪاميابين ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل قرار ڏنو جيڪي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي پليٽ فارم تان ملڪ جي لاءِ سامهون اچي رهيون آهن. نگران وز??راعظم ڪويت جي امير شيخ نواف الاحمد الجابر ا??صب??ح جي صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.