اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار قرار ڏيندي چيو آهي ته دوست ملڪن سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اربين ڊالر جي مفاهمتي ياداشت?? تي صحيحون ڪيون آهن، ڪنهن سياسي پارٽي تي سياسي سرگرمين ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي، اربين رپين جي بجلي چوري سان ملڪي معيشت کي نقصان پهتو آهي، آءِ ايم ايف سان قسط جو معاملو جلد حل ٿي ويندو. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ کي يقينن دهشتگردي جا خطرا آهن، حڪومت دهشتگردي جي ان چئلينج کي منهن ڏيندي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن، ڪجهه سياسي پارٽين جو ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سان موقف صحيح آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو معاملو آيو ته لاڳاپيل ادارن جي راءِ کانپوءِ فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته منظم غيررياستي گروپ سرگرم آهن، پوليس کي تربيت ۽ وسيلن جهڙا مسئلا درپيش آهن، پوليس خاص طور تي خيبرپختونخواهه پوليس دهشتگردي جي خلاف ڀرپور حصو ورتو آهي. پاڪ فوج جي مدد سان ??ن خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، چونڊن ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي ڏس ۾ پوليس يا فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين، نگران ??ڪومت اچڻ کان ا?? سمورن سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون، پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو پنهنجي هن عهدي کان ??دا ٿيڻ کانپوءِ ڪندس. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قانون موجب گرفتاريون ڪن ٿا ۽ پوءِ قانون موجب ڪارروائي ٿئي ٿي، پي ٽي آئي جا جيڪي ماڻهو 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث نه آهن انه?? تي سياسي سرگرمين ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهن سان ناانصافي نه ٿئي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران ??ڪومت روزاني جا ضروري معاملا اڪلائي رهي آهي، نيڪ نيتي سان ڪم ڪريو ته مزاحمت کي منهن نٿو ڏيڻو پوي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪ کي ٽيڪس اوڳاڙين سميت گورننس جا چئلينجز درپيش آهن، ماڻهن کي صحت، تعليم ۽ روزگار جي موقعن سان گڏوگڏ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ايف بي آر جي ذميواري آهي، ايف بي آر ۾ سڌار?? تي غور جاري آهي، بجلي چوري ۾ 900 ارب رپين کان وڌيڪ ضايع ٿين ٿا، ان ??ان ملڪي معيشت کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي ذريعي سيڙپڪاري ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ کي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي، ايس آءِ ايف سي ملڪ جي پارليامينٽ جو فيصلو آهي، دوست ملڪن سان ??ربين ڊالر سيڙپڪاري جي مفاهمت جي ياداشت?? تي صحيحون ڪيون ويون آهن، اميد آهي وڌيڪ ملڪن سان ??يڙپڪاري معاهدا به ٿيندا، ملڪ ۾ سيڙپڪاري هڪ طريقيڪار تحت آندي وڃي ٿي، ان ??يڙپڪاري کي ملڪ ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان قسط جو معاملو جلد حل ٿي ويندو، 18 هين ترميم ۾ صوبن کي بااختيار بڻايو ويو آهي، پارليامينٽ جيڪڏهن سمجهي ٿي ته ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي سان ??لوڪ افسوسناڪ آهي، ان ??ان ??هو سلوڪ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، اميد آهي ته ان معاملي تي جلد مثبت اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته غيرملڪي رهندڙن کي انهن جي ملڪ واپس موڪلڻ جو معاملو پاڪستان ??و اندروني معاملو آهي جنهن جو ٻيا ملڪ به اعتراف ڪن ٿا، پاڪستان 5 ڏهاڪن کان ??فغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ اسان ??ي پاليسي نه آهي، قانوني طريقيڪار تح?? سڀ پاڪستان ا??ي سگهن ٿا.