اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان جي رياست جي موقف کي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به دهشتگرد گروهه سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اهي هٿيار نه اڇلائيندا، پرڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري آهي، جيڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري ٿ?? ته ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، نوجوان نسل کي انتهاپسندي کان بچائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (پي آءِ سي ايس ايس) پاران جاري ڪيل سالياني سيڪيورٽي جائزه رپورٽ جي پڌرائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جو چيئرمين محمد سعد خٽڪ، انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جو صدر نديم رضا، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالله خان ۽ ڊائريڪٽر ريسرچ گل داد پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير رپورٽ جي تياري ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي محقيقن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چي?? ته پيچيده سيڪيورٽي چئلينجن کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ۾ هي رپورٽ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چي?? ته پي آءِ سي ايس ايس جو ڪم پاليسي فيصلن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چي?? ته اڄ جي دور ۾ ڊيٽا تي ٻڌل رپورٽس فيصلاسازي جو بنياد آهن، پي آءِ سي ايس ايس ان سلسلي ۾ هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. اهڙي طرح جون رپورٽس نه رڳو اسان جي سيڪيورٽي منظرنامي کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون پر پاليسي سازن جي لاءِ هڪ روڊ ميپ جو ڪم پڻ ڪن ٿيون. انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير چي?? ته پي آءِ سي ايس ايس ميڊيا ۽ سفارتي برادري ۾ اڳ ۾ ئي هڪ معتبر نالو آهي ۽ ان جا مختلف تحقيقاتي مطالعا معاشري جي لاءِ قابل قدر خدمتون آهن. هن چي?? ته نوجوانن کي مشغول ڪرڻ جي لاءِ پي آءِ سي ايس ايس جي ملڪ گير مهم ”پاڪسانيت“ اسان جي نوجوانن کي انتهاپسنداڻي نظرين جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ جو هڪ بهترين طريقو آهي. هن چي?? ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز ڊيٽا تي ٻڌل موقف جو اطلاق ڪري ٿو ۽ پاڪستان ۽ ويجهي پاڙيسري ملڪن ۾ سيڪيورٽي ۽ تڪرارن بابت اڳڀرائي جو معروضي تجزيو فراهم ڪري ٿو. هن چي?? ته مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته پي آءِ سي ايس ايس 2001ع کان پاڪستان ۾ رياست مخالف تشدد جي ڊيٽابيس تيار ڪئي ۽ هاڻي ان کي افغانستان سميت پوري ڏکڻ ايشيا تائين ڦهلائي ڇڏيو آهي. هن چي?? ته اها ڊيٽا پي آءِ سي ايس ايس جي محققين کي تحقيق ڪرڻ ۽ هفتيوار، ماهوار ۽ سالياني رپورٽس تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چي?? ته حڪومتن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط رابطي جي ضرورت آهي. هن چي?? ته حڪومت ۽ پي آءِ سي ايس ايس جهڙن ادارن جي وچ ۾ تعاون حوصلي جوڳو آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير چي?? ته پي آءِ سي ايس ايس جي سالياني سيڪيورٽي جائزه رپورٽ 2023ع مڪمل تحقيق جو نتيجو آهي. اها ڊيٽا کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني فراهم ڪري ٿي. ان رپورٽ کي پڙهي ڪو به ملڪ درپيش مسئلن تي مڪل ضابطو آڻي سگهي ٿو. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي رپورٽ جو مطالعو ڪرڻ جو مشورو ڏنو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چي?? ته ملڪ ۾ رياست مخالف تشدد جي رجحان کي روڪڻ جي لاءِ پاليسيون ۽ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يقين ڏياري?? ته دهشتگردي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته دهشتگردي جي مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ معاشي ترقي جي سفر جي شروعات نه ٿو ڪري سگهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير چي?? ته 2023ع ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان جي حڪومت دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. هن چي?? ته پي آءِ سي ايس ايس جي رپورٽ کي حڪمت عملين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير چي?? ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري دورو آهي، ان حوالي سان پرڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي. هن چي?? ته مولانا فضل الرحمان دوري تي روانو ٿيڻ کان اڳ رياستي ادارن سان مشورو ڪيو. هن چي?? ته جيڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿ?? ته ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي پر مولانا فضل الرحمان جو دورو مڪمل طور تي غيرسرڪاري آهي، اسان ان جي دوري جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشُون رکون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير چي?? ته رياست پاڪستان جو موقف واضح آهي ته دهشتگرد گروهن سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اهي هٿيار نٿا اڇلائين ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم نٿا ڪري وٺن.