راولپنڊي-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آ??ي ته پاڪستان جي دفاع کي يقيني ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ اسان پاڻڀري ۽ جديد ٽيڪنالاجي لاءِ ڪم جاري رکنداسين. قومي ترقيءَ جو رستو پي او ايف واهه جهڙي م??امي صنعتن سان ڳنڍيل هوندو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق اهڙو اظهار هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي دؤري جي م??قعي تي خط??ب ڪندي ڪيو. آرمي چيف کي پي او ايف جي پيداواري صلاحيت، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ان جي سهڪار ۽ برآمدي صلاحيت بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف پي او ايف مصنوعات جي وسيع رينج جو مشاهدو ڪيو جنهن ۾ ٽيسٽ ۽ ٽرائلز تحت مقامي طور تي ڊزائين ۽ تيار ڪيل ??َو??ن هٿيار ۽ بارود شامل آهن. پي او ايف آفيسرن ۽ عملي کي خط??ب ڪندي آرمي چيف پي او ايف کي پاڪستان جي اهم دفاعي صنعت بنائي م??ڪي سلامتي ۽ معيشت ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. ان کان اڳ چيئرمين پي او ايف واهه آرمي چيف جي آجيان ڪئي.