اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئونسل (ايس آءِ ايف سي) سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قا??م ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئونسل جي ايپڪس ڪ??يٽ?? جو نائون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪ??ي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جاري منصوبن، پاليسي قدمن ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ل??ءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ايپڪس ڪ??يٽ?? انهن منصوبن ۽ پاليسي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مجموعي حڪومتي حڪمت عملي تحت مقرر ڪيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مثبت ڪ??دار کي ساراهيو. ڪ??يٽ?? ملڪ جي معيشت جي بهتري ل??ءِ کنيل قدمن ج?? مجموعي طور تي جائزو ورتو ۽ انهن جي ڪاميابي کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪ??يٽ?? ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ان جي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي ل??ءِ مختلف شعبن ۾ قدمن، افرادي قوت جي ترقي، مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ مقامي تڪرارن جي حل ل??ءِ موثر طريقيڪار سان هڪ پائيدار نظام ٺاهڻ کي پڻ ساراهيو. ڪ??يٽ?? دوست ملڪن سان اقتصادي لاڳاپن تي اڳڀرائي جو جائزوو ٺندي انهن پاران سيڙپڪاري مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ل??ءِ کنيل قدمن کي پڻ ساراهيو. ڪ??يٽ?? اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ ڪنالز ويزن 2030ع ۽ ايف بي آر سڌارن جي منظوري ڏني. آرمي چيف پاڪ فوج پاران ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي بهتري جي ل??ءِ حڪومتي قدمن جي ڀرپور ساٿ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئونسل، سمورين وزارتن، ادارن ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت ۽ مستقبل جي ل??ءِ هڪ عمده مثال قا??م ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئونسل جي قا??م ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي.