لاهور -08 فيبروري (ا?? پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحما?? انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ان موقعي تي شيري رحمان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جا وڪيل ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪرائيندا. هن چيو ته چونڊن واري ڏينه?? انٽرنيٽ ۽ موبائيل نيٽ ورڪ جي بندش تي ڳڻتي آهي، چونڊن واري ڏينهن موبائيل ۽ ان??رنيٽ بند ڪرڻ نامناسب آهي. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن عوام پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن سان رابطي کانسواءِ پارٽي ۽ اميدوار کي پولنگ ايجنٽن سان رابطو رکڻو هوندو آهي، جيڪڏه?? انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند هوندي ته پولنگ ايجنٽس پنه??جو?? شڪايتون اسان تائين ڪيئن پهچائيندا. هن چيو ته اسان جو سڄو ڪميونيڪيشن جو نظام ان??رنيٽ تي آهي، تنهن ڪري اسان جي گذارش آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري ان??رنيٽ سروس ۽ موبائيل نيٽ ورڪ بح??ل ڪرائي، امجد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ملائيڪه رضا به ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا.